ڇُٽي عمراڻيءَ جو مقبرو

ڇُٽي عمراڻيءَ جو مقبرو

ڇُٽي عمراڻيءَ جو مقبرو

ڇُٽي عمراڻيءَ جو مقبرو: هي مقبرو سيوھڻ شھر ۾ ڏکڻ اولهه طرف، انڊس هاءِ وي تي موجود آهي، جنهن کي سيوھڻ ۾ مغلن پاران گورنر ديندار خان، سال 1039 ھجريءَ ۾ جوڙايو هو. ان جو لنگهه اتر کان آهي. مقبري جو ايوان اتر ۾ آهي ۽ ان جي اولهه ۾ هڪ مسجد آهي. مسجد جي مھاڙيءَ تي ڀوري پٿر تي ڪتبا اڪريل آھن. ايوان ۾ ڪاشيءَ جون سرون (Turquoise blue) ۽ عام سرون استعمال ڪيون ويون هيون، پر هاڻي (2011ع) ان ۾ ٽائيلون لڳرايون ويون آهن. مھاڙيءَ جي افقي ماپ 41'.7''، ونگ جي اوچائي 21.8 فوٽ ۽ ونگ جي اونھائي 16'.5'' آهي. مقبرو چورس تعمير ٿيل آھي، جنهن جي ماپ 20'.4''x20'.4'' آهي ۽ ان جي دروازي جي ماپ ٻاھران 5 فوٽ، در جو فريم 4'.4'' ۽ چوڪاٺو 3'.9'' فوٽ. مقبري جي مٿان گنبذ آھي ۽ مھاڙيءَ جي مٿان اڌ گنبذ آهي. مٿي چڙھڻ لاءِ ڏاڪڻ آھي، جيڪا داخلا واري گھٽيءَ ۾ ڏکڻ پاسي آھي، جنھن جي اندران اندر ماپ 2.2/2 آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو